چنيسر ڳوٺ
چنيسر ڳوٺ | |
---|---|
سنڌ جي جي يونين ڪاميٽي | |
يو سي 4 چنيسر ڳوٺ | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 24°51′09″N 67°03′43″E / 24.85250°N 67.06194°Eمڪانيت: 24°51′09″N 67°03′43″E / 24.85250°N 67.06194°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | ڪراچي اوڀر ضلعو |
تعلقو | فيروز آباد سب ڊويزن |
چنيسر ڳوٺ(انگريزي: Chanesar Goth ) ڪراچي ايسٽ ضلعي جي ھڪ يونين ڪاميٽي جو نالو آهي جيڪا ان ضلعي جي تعلقي فيروز آباد سب ڊويزن ۾ واقع آهي. ان جي اتر ۾ پي اي سي ايڇ ايس ايڪسٽينشن ۽ آزاد جمھوريه ٽائون، اوڀر ۾ اعظم بستي ۽ محمود آباد ۽ اولھ م مين ڪورنگي روڊ ۽ ڏکڻ ۾ ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي فيز ون واقع آهي. 2013 کان اڳ ان جو درجو جمشيد ٽائون جي يونين ڪاؤنسل نمبر 4 ۽ ان جو نالو ساڳيو ئي چنيسر ڳوٺ ھيو. 2013 ۾ ان کي فيروز آباد جي نالي سان نئين قائم ٿيل تعلقي ۾ شامل ڪيو ويو. ھن ڪالوني ۾ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ اڪثريت ۾ آھن ان کان سواءِ پنجابي پٺاڻ، سرائڪي ماڻھو پڻ رھندڙ آھن. 2015 جي بلدياتي اليڪشن ۾ ھن يو سي م چيئرمين جي سيٽ تي فرحان غني چونڊجي آيو ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ تي اورنگزيب تاج چونڊجي آيا. ٻنھي جو تعلق پاڪستان پيپلز پارٽي سان آھي[1] ھتي گورنمينٽ چنيسر ڳوٺ بوائيز اسڪول، ڊائو انٽرنيشنل ڊينٽل ڪاليج چنيسر ڳوٺ، چنيسر بلو فٽبال گرائونڊ، آرمي گريو يارڊ واقع آھن.