اسلامڪ ڪلچر (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب سيد محمد سعيد ۽ سيد محمد شوڪت جو گڏجي لکيل آهي. هن ڊيمي سائيز ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 209 صفحا آهن ۽ قيمت 3 رپيا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پهريون، آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، مدينه پريس، حيدرآباد مان 1966ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، جنهن ۾ 102 صفحا آهن ۽ قيمت پوڻا ٻه رپيا آهي، نيوگرين پريس، حيدرآباد مان 1968ع ۾ ڇپيو.[1]

هن موضوع تي ٻيو ڪتاب ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو لکيل آهي. ڪرائون سائيز واري هن ڪتاب جو جلد ڪچو آهي، جنهن ۾ 176 صفحا آهن ۽ قيمت اڍائي رپيا ڄاڻايل آهي. عجائب اسٽور سکر هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌ نئشنل پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان 1972ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، 1973ع ۾ شايع ٿيو.[2]

حوالا[سنواريو]