واپرائيندڙ:روشن جان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

9 اهڙيون شيون جنهن کي بار بار گرم ڪري کائڻ جا خطرناڪ نقصان. آلو آلو جي ڀاڄي کي بار بار گرم ڪري وڏي شوق سان کائڻ پسند ڪندا آهيون پر آلو کي دوبارا گرم ڪرڻ سان ان ۾ بوٽيلينم بيڪٽيريا پيدا ٿي ويندو آهي جنهن سان آلو جي ڀاڄي سلو پوائزن (slow poison) ۾ تبديل ٿي ويندي آهي جنهن سان ڪمزوري، نظر جو گهٽ ٿيڻ، ڳالهائڻ ۾ دِڪت ۽ فالج جي ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي پر اهي اثرات ظاہر ٿيڻ ۾ وقت لڳندو آهي پر اسان کي خبر ئي نه پوندي آهي ته اهي بيماريون ڇو ۽ ڪيئن ٿيون.

تيل اڪثر ڏٺو وڃي ته تيل يا گيھ جيڪو ترڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي پڪوڙا مٺايون وغيره ٺاهيون ٿا ان گيھ وغيره کي ڪافي چڪر استعمال ڪندا آهيون ڪافي ڏينهن تائين جيستائين هارجي نه وڃي پاڻهي سو ائين ڪرڻ صحت لاءِ تمام نقصانڪار آهي. تيل کي ٻيهر گرم ڪرڻ سان ان اِلڊي آئٽس ٺهندا آهن ۽ ان مان ٽوڪسن پيدا ٿيندا آهن جيڪو(acidity, hi blood pressure, heart problems ،cancer ) تيزابيت ،بي پي جو وڌڻ، دل, ڪينسر جي بيمارين جو باعث آهي. پر اسين قسمت تي ڀاڙي چوندا آهيون تي اسان جي گهر ۾ نه شراب نوشي آهي نه ڪير ڪو نشو نه ئي سگريٽ نوشي ڪري ٿو نه ئي ڪا اهڙي موروثي بيماري آهي پر اهي جان ليوا بيماريون الائي ڪيئن پيدا ٿين ٿيون پر اسان کي اها خبر ئي ناهي ته اهي بيماريون هڪ ئي تيل کي بار بار گرم ڪرڻ سان اهي خطرناڪ بيماريون به ٿين ٿيون.

چانھ چانهه ٺاهي وري ٿڌي ٿيڻ سان ان کي ٻيهر گرم ڪندا آهيون ۽ پي ڇڏيندا آهيون پر اسان کي خبر ئي ناهي ته ائين ڪرڻ سان جگر کي ڪافي نقصان ٿيندو آهي ۽ رت جي نالين کي وڏو ڪري ڇڏيندي آهي جنهن سان دل جي تڪليف پيدا ٿيندي آهي چانهه کي ٻيهر گرم ڪرڻ سان چانهه ۾ (ٽينڪ ايسڊ) پيدا ٿيندا آهن جيڪي صحت لاءِ نقصان ڪار آهن.

چانور چانور اڪثر ڪري ماڻهو صبح وارا شام جو ۽ شام وارا صبح جو استعمال عام ڪندا آهن چانور پچائڻ سان ئي ان ۾ (بيسيلا سيريس) بيڪٽيريا پيدا ٿي ويندو آهي چانور کي ٻيهر گرم ڪرڻ سان ئي آهي بيڪٽيريا ڊبل ٿي ويندا آهن گهڻي تعداد ۾ هي پيٽ ۾ وڃڻ سان اهي بيڪٽيريا پيٽ کي خراب ڪري ڇڏيندا آهن جنهن پيٽ جي تڪليف ڇڏيندي ئي ناهي ۽ علاج ڪرائڻ سان به تڪليف نٿي ڇڏي ۽ اسين پريشان ٿي ويندا آهيون ته الائي ڇا آهي جو تڪليف ڇڏي ئي نٿي ڪا دوا اثر نٿي ڪري پر ان جو اصل ڪارڻ هر چڪر چا ورڻ کي ٻيهر گرم ڪري کائڻ ئي آهي.

گوشت اگر اوهان گوشت کائڻ جا شوقين آهيو ته خوامخواهه جو گوشت کي ٻيهر گرم نه ڪري کائجو ڇو ته ٻيهر گرم ڪرڻ سان ان ۾ موجود پروٽين پنهنجي اثر تبديل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهو پيٽ ۾ خرابي ڪندو آهي ۽ پوءِ آهستي آهستي ٻين بيمارين جو سبب بڻجي ويندو آهي

پالڪ پالڪ کي ٻيهر گرم ڪرڻ سان ان ۾ موجود نائٽريٽ خطرناڪ زهر ۾ تبديل ٿي ويندو آهي مطلب (slow poison) بڻجي ويندو آهي پالڪ کي ائين استعمال ڪرڻ سان جسم ۾ (ٽاڪسن) گڏ ٿيندا وڃن ٿا ۽ ڪينسر جهڙو موضي مرض پيدا ٿيندو آهي انڊا (بيدا) جيڪي ماڻهو بيضا شوق سان کائيندا آهن انهن کي شايد اهيا خبر ناهي ته بيدن کي ٻيهر گيم ڪرڻ سان ان ۾ اهڙا ته زهريلا مادا پيدا ٿي ويندا آهن جيڪي (digestion system) ڊائجيشن سسٽم کي خراب ڪري ڇڏيندا اگر ڊائجيشن سسٽم خراب ٿيڻ سان سمجهو ته سوين بيمارين کي داعوت ڏيڻ

ساوا ڌاڻا اگر توهان ساوا ڌاڻا ٻيهر گرم ڪري کائيندا ته ان ۾ موجود نائٽريٽ نائٽرائٽس ۾ تبديل ٿي ويندا هن هي هڪ طرح سان ٽاڪسن يعني زهر آهي هي جسم ۾ اچڻ سان ڪيئن قسمن جون بيماريون پيدا ڪندو آهي

چقندر اگر توهان چقندر کائڻ جا شوقين آهيو ته خيال ڪجو چقندر کي ٻيهر گرم ڪرڻ سان هي زهريلا ٿي ويندا آهن ۽ هي جسم ۾ اهڙيون خطرناڪ بيماريون پيدا ڪندو آهن جو انهن جو علاج تمام ڏکيو ٿي پوندو آهي. रोशन जान. https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=1919224068338967&id=100007541771575