فيبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

فيبل/جانورن ۽ پکين جون ڪھاڻيون (Fable) هڪ اهڙي آکاڻي آهي، جيڪا منظوم يا غير منظوم هوندي آهي. جنھن ۾ انسانن کان علاوه جانورن، جيتن ۽ بي جان شين کي بہ انساني خصلتون ڏئي گفتار ڪرائي ويندي آهي ۽ ڪردار ڏئي انسانن جي طرز عمل تي روشني وجهرائي ويندي آهي. پکين ۽ جانورن جون ڪھاڻيون ٻڌائڻ جو رواج اسان وٽ آڳاٽي دور کان موجود آهي. پکي ۽ جانور انسان جي زندگيءَ جو اهم حصو آهن ۽ اهي انساني زندگيءَ تي اثر انداز بہ ٿين ٿا. سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ”ايسپ جون آکاڻيون“، ”الف ليليٰ“، ”طوطي نامو“، ”ڪليلہ و دمنہ“ وغيره بہ بھترين مثال آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.