عنبر بيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

عنبر بيد (عربي: جعده رومي، فارسي: عنبر بيد) هڪڙي گاھ جو قسم آهي، جو بھار جي موسم ۾ درياه جي ڪلنڀر تي پيدا ٿيندو آهي. ھن جا پن ساوا ڪارا، گل اڇا ۽ بوءِ ناگوار ٿئي ٿي. ذائقو تلخ ۽ تيز رکندڙ آهي.[1]

طب[سنواريو]

خاصيت: هن ۾ ترياقي طاقت رهي ٿي، پيشاب کوليندڙ، ريح وڃائيندڙ ۽ دست آڻيندڙ آهي. سڀني عضون جا سدا کولي ٿي، خون صاف ڪندڙ ۽ وڇون جي ڏنگ جو آزار مٽائيندڙ چيو وڃي ٿو.<ref name="فرھنگ"\>

نوٽ: ڪـِـن فاضل مصنفن هن کي مـُـر سرهي (بالچهڙ) ۽ ڪي ڀنگرو لکن ٿا، جي ٻئي ڳالهيون غلط آهن.<ref name="فرھنگ"\>

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.