گرامر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گرامر (Grammar) ٻوليءَ جي بناوت جو علم، جنهن ۾ لفظن، جملن، سٽن ۽ پئرائن جي بناوت ۽ ڪارج وغيره بابت ڄاڻ هوندي آهي. جيڪا ٻولي ڳالھايون ٿا يا لکون ٿا، ان ۾ اڪثر جدا جدا نمونن جا جملا ڪم آڻيون ٿا ۽ انھن جملن ۾ جدا جدا قسمن جا لفظ ڪم اڻيون ٿا، جيڪي لفظ اسين ڳالھائڻ ٻولھائڻ ۽ لکڻ پڙھڻ ۾ ڪم آڻيون ٿا سي ڪيترن ئي قسمن جا آھن. انهن جون مختلف صورتون آھن، جيڪي ھر وقت مٽجن سٽجن ٿيون ۽ انھن جو وري ٻين سان لاڳاپو آھي. انھن جي درست ميلاپ سان صحيح جملا ٺهن ٿا. انهن بابت جيڪي قاعدا ۽ سمجهاڻيون آھن، تن کي گرامر چئجي ٿو. گرامر کي وياڪرڻ بہ چئبو آھي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.