مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينھن (آءِ.ايم.ايل.ڊي) 21 فيبروري تي سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندڙ ڏينھن آھي، جنھن جو مقصد ثقافتي رنگيني ۽ گھڻ لسانيائي ۽ لسانياتي ڄاڳرتا کي وڌائڻ آھي. پھريون ڀيرو يونيسڪو پاران 17 نومبر 1999ع تي ان جو اعلان ڪيو ويو، ان کي گڏيل قومن جي عام اسيمبلي پاران ھڪ ٺھراءَ ۾ مڃيو ويو ھو جنھن ۾ 2008ع کي ٻولين جو عالمي سال قرار ڏنو.[1][2][3]