اسپنگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنري شھر جي مرچ منڊي ۾ پيل ڪچو اسپنگر جو ٻج
اسنپگر جي دھي

اسپنگر هڪ ٻوٽيءَ جو ٻج ۽ پسارڪو وکر آهي، جنھن کي عربيءَ ۾ ”رقطونا“ ۽ فارسيءَ ۾ ”اسپغول“ سڏجي ٿو. هن جا ٻہ ٽي قسم ٿين ٿا، جيئن اڇو، ڳاڙهو، ڪارو ۽ اڇو پر ڳاڙهاڻ مائل. هي پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان ڦونڊجي وڃي ٿو.

طبي لحاظ کان آنڊن جي زخم، پيچش ۽ پيٽ ۾ مروڙ جي بيماريءَ ۾ اسپنگر جي تھِي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان آرام ايندو آهي. اسپنگر کي هلڪي سٽڻ ڪٽڻ سان اُن جون کلون يا تُھ لھي وڃن ٿا، انهن کلن کي ”اسپنگر جي تُھِي“ سڏبو آهي، جيڪا پڻ پسارڪي وکر ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ پيٽ جي بيماريءَ ۽ خشڪي لاهڻ لاءِ علاج طور ڪم اچي ٿي. اڄڪلھ دوائن جون ڪمپنيون ”اسپغول“ جي نالي سان اسپنگر جي صاف ٿيل تھي پئڪيٽن ۾ تيار ڪري رهيون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]