مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اختر حميد خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اختر حميد خان
پيدائش 15 جُولاءِ 1914(1914-07-15)
آگرو، گڏيل صوبا آگرا ۽ اوڌ، برطانوي ھندستان
وفات 9 آڪٽوبر 1999 (عمر 85 سال)
انڊياناپولس، انڊيانا، آمريڪا
قوميت پاڪستاني
مادر علمي ميگاڊلين ڪاليج، ڪيمبرج
شھرت جو ڪارڻ مائيڪرو ڪريڊٽ، مائيڪرو فنانس، ڪوميلا ماڊل، اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ
اعزاز رومن ميگاسيسي اوارڊ، نشان امتياز, ستارۂ پاڪستان، جناح اوارڊ
'سائنسي پيشو'
شعبو ٻھراڙيءَ جي ترقي، مائيڪرو ڪريڊٽ
ادارا بنگلاديش اڪيڊمي فار رورل ڊولپمينٽ؛ نيشنل سينٽر فار رورل ڊولپمينٽ، پاڪستان؛ مشيگن اسٽيٽ يونيورسٽي

ڊاڪٽر اختر حميد خان سماج سڌارڪ، سماجي سائنس ۾ مھارت رکندڙ ۽ اسڪالر 1914ع ۾ آگري (اترپرديش) ۾ ڄائو. پھريان علي ڳڙھ ۽ پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ مان پنھنجي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد 1936ع ۾ هن انڊين سول سروس (ICS) جو امتحان پاس ڪري، سرڪاري ملازمت اختيار ڪئي ۽ ڪيترن ئي عھدن تي ڪم ڪيائين. اڳتي هلي هن نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏني. پھريان هڪ ننڍڙي فئڪٽري کولي ۽ بعد ۾ جامعہ اسلاميہ دهليءَ ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ هو لڏپلاڻ ڪري اوڀر پاڪستان هليو ويو، جتي هن ”ڪوميلا ۾ رورل ڊولپمينٽ اڪيڊميءَ“ نالي هڪ ”اين جي او“ قائم ڪئي ۽ بنگالي هارين کي اها ترغيب ڏني تہ اهي پنھنجي زندگيءَ جو معيار بھتر بنائن ۽ شھري سھوليت جي حاصلات لاءِ اين. جي. او جي پليٽ فارم تي ماهوار ڪا معمولي رقم بچت ڪري سيڙپ ڪن. اڳتي هلي هن بسن ۽ رڪشائن جي ڊرائيورن لاءِ هڪ اين. جي. او قائم ڪئي. اوڀر پاڪستان جي بنگلاديش بنجڻ کان پوءِ ڊاڪٽر اختر حميد خان واري تصور کي عملي روپ ڏيندي ”گرامين بئنڪ“، ننڍي سطح تي سيڙپ ۾ شراڪتداريءَ وارو تجربو شروع ڪيو ۽ خاص طور تي بنگالي عورتن ۾ ”مائڪرو ڪريڊٽ سسٽم“ کي متعارف ڪرائي ۽ ڪامياب بنائي، ڏکڻ ايشيا ۾ اين جي. اوز جي فيصلائتي ڪردار کي مڃتا ڏياري. ڊاڪٽر اختر حميد خان اوڀر پاڪستان واري سانحي کان پوءِ ڪراچيءَ هليو آيو ۽ اتي 1980ع ڌاري هن شھر جي جُهڳين (slums) ۾ نھايت گندي ۽ سڀني شھري سھوليتن کان وانجهيل زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي شھري سھوليتون فراهم ڪرڻ ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏيڻ لاءِ اورنگي پائلٽ پراجيڪٽ جو بنياد وڌو. پاڪستان سرڪار کيس سندس خدمتن جي مڃتا ۾ ستاره امتياز ۽ هلال امتياز جا اعزاز ڏنا، جڏهن تہ ڊاڪٽر اختر حميد خان جي ڏنل تصور تي عمل ڪندڙ ٻين ملڪن بہ کيس ڪيترائي اعزاز ڏنا، جن مان فلپائن جو ميگسي ايوارڊ قابل ذڪر آهي. ڊاڪٽر اختر حميد خان ٻن ڪتابن جو مصنف هو ۽ هن ديس پرديس جي ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ سماجي تبديليءَ بابت ڪالم لکيا.[1]

سوچ[سنواريو]

ڊاڪٽر اختر حميد خان خود انحصاريءَ ۾ ويساھ رکندڙ هو ۽ هن هميشہ پرڏيھي امداد واري ڪشڪول جي مخالفت ڪئي. هن جو فلسفو اهو هو تہ ”ڪابہ پرڏيھي امداد يا بئنڪ ڪنھن بہ ملڪ ۾ ترقيءَ جي حق ۾ ناهي ۽ فقط مقامي ماڻهو پنھنجي سِر ئي پنھنجن علائقن، شھرن ۽ ملڪن ۾ گڏيل سهڪار واري بنياد تي ترقي ڪري سگهن ٿا“. ڊاڪٽر اختر حميد خان پنھنجي پراجيڪٽ جي حوالي سان آخري وقت تائين هڪ ساک وارو سماج سڌارڪ ڪردار رهيو.[1]

وفات[سنواريو]

85 سالن جي عمر ۾ پنھنجي ڌيءَ سان گڏ آمريڪا جي دوري تي ويو، جتي دل جي دوري پوڻ سبب 9 آڪٽوبر 1999ع تي وفات ڪيائين.[1]

حوالا[سنواريو]