مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

احدي جو ڀڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احدي جو ڀڙو ھڪ دڙو آھي جيڪو ڪلھوڙن جي دور جو آهي ۽ ٽنڊي آدم تعلقي ۾ ديھ احدي، سنڌوءَ جي پراڻي وهڪري لھاڻي ڍوري جي ڪپ تي آهي. اٽڪل چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي ۽ 5- 6 فوٽ اوچائي اٿس. دڙي تي ٺڪرين ۽ سرن جي ٽڪرن کان سواءِ ٻي ڏسڻ جھڙي ڪابہ وٿ مٿاڇري تي نظر نٿي اچي. عوامي روايتن موجب احدي جوڻيجي جو آباد ڪيل شھر آھي، جنھن کي ڪلھوڙن مقرر ڪيو ھو. ھو ظالم طبع ھو ۽ روايت آهي تہ سندس تڪرار شاھ لطيف سان بہ ٿيو ھو. دڙي جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي.[1]

حوالا[سنواريو]