اجھور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اجهور درياھ جو جهول وارو پاسو، جتي جو وهڪرو ۽ پاڻي اونهو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن اجهور اهڙي ڏکي ٿي پوندي آهي، جو ان ۾ ڦاٿل ٻيڙي وغيره بہ ٻاهر نڪري نہ سگهندي آهي ۽ اُن جي ٻڏي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي.

درياھ جي ڪنهن وَر وڪڙ يا گهُنڊيءَ جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن درياھ جي پاڻيءَ جي سير، وچ درياھ جي بدران هڪڙي ڪپر سان لڳي ويندي آهي، انهيءَ ڪري اُتي درياھ جو پاڻي ايڏو اونهو ٿي پوندو آهي، جنجن ۾ ونجهہ يا اولي هڻڻ ممڪن نہ ٿيندي آهي. اهڙيءَ حالت ۾ هوا درياھ جي ٻئي ڪپ يا مخالف ڪنڌيءَ کان لڳڻ شروع ٿيندي آهي تہ درياءَ جو سير ۽ تيز وهڪرو ٻيڙيءَ يا ڪنھن بہ ٻيءَ ترندڙ شيءِ کي ڌڪي وڃي زور سان ڪپر سان ٽڪرائيندو آهي. جنھن طرف کان هوا ايندڙ هوندي اُنھيءَ طرف کي مٿار چئبو ۽ درياءَ جي ڪپر واري سير کي ’جهول‘ يا ’اجهور‘ چئبو.[1]

حوالا[سنواريو]