مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

اتمچنداڻي نک (ڪڪا)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتمچنداڻي نک (ڪڪا) خدا آبادي ڀائيبند آهن ۽ پنھنجي وڏي ڏاڏي سيٺ اُتمچند ڇتي مل جي نالي پٺيان پاڻ کي ”اُتمچنداڻي“ سڏائيندا آهن. حيدرآباد ۾ سندن گهر اصل کيانتي ٽنڊي طرف دلواڻي گهٽيءَ ۾ هوندا هئا. پوءِ سوڙھ سبب منجهائن ڪي اٿي ٻئي هنڌ وڃي ويٺا. سيٺ اُتمچند جو حيدرآباد جي ميرن سان چڱو رستو هوندو هو. انگريزن جي صاحبي شروع ٿي تہ ان وقت بہ نانءُ ناموس گهڻو هوس. سيٺ اُتمچند حيدرآباد ۾ ڪجهہ وقت ميونسپل ڪائونسلر بہ رهيو.

سيٺ اُتمچند کي چار پٽ هئا. چئنراءِ، رامچند، اوڌوداس ۽ ٽپڻداس. ڀائي چئنراءِ جي پوٽن جا ڪارخانا ويسٽ آفريڪا، جبرالٽر ۽ ٻين هنڌ آهن ۽ ”جي ٽي چئنراءِ اُتمچند“ جي نالي سان مشھور آهن. ڀائي اوڌوداس جو پوٽو ڀائي ٽھلرام آسومل سنڌورڪي آهي. سندس ڪارخانا اڳي نيويارڪ (آمريڪا) ۽ مالٽا ۾ هئا ۽ هاڻي فقط هندستان ۾ بمبئي، ڪلڪتي، لاهور، دهليءَ ۽ ٻين هنڌ آهن. حيدرآباد جي ڀائيبنڊن مان اُتمچنداڻي، ساگراڻي، مھتاڻي ۽ هاٿيراماڻي شھر جا مکيہ پاوا ڪري ليکبا هئا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "اتمچنداڻي نک : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-06-10.