مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ابو البقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابوالبقا امير خان ولد ابوالقاسم نمڪين شاهجھان بادشاھ جي وقت ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جو حاڪم ۽ نواب مقرر ٿيو. مير البقا، يمين الدولہ پاران ملتان ۾ نائب هو. ان جي وفات کانپوءِ مرتضيٰ خان حسام الدين ان جي وفات کان پوءِ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. ٺٽي جي حاڪميت دوران شاهجھان جي حڪم تي هن ٺٽي ۾ تاريخي ”جامع مسجد شاهجھان“ 1054ھ بمطابق 1644ع جوڙائڻ جو ڪم شروع ڪرايو. هو سيوهڻ جو حاڪم بہ رهيو ۽ اوٻاوڙي گنجابي ۾ کيس جاگير ملي. هو فاتح ۽ حاڪم ٿي گذريو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]