مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ابن مقلہ بيضاوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابن مقله بيضاوي اسلامي دنيا جي عباسي دور جو عالم، اڪابر، خطاط ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي. هن جو اصل نالو ابو علي محمد بن حسين بن مقلہ شیرازي هو. هو ابن مقلہ جي نالي سان مشھور ٿيو. هن تاريخ 21 شوال 272ھ مطابق 31 مارچ 886ع ۾ بغداد شھر ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا اصل حافظ شيرازيءَ جي شھر ”شيراز“ جا رهندڙ هئا. خطاطيءَ ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو آهي تہ هن ”نسخ خط“ (Naskh Script) کي عاليشان ۽ لازوال خوبيون عطا ڪيون. ”نسخ“ جي معنيٰ ئي اها آهي تہ لکت جو هڪ اهڙو نمونو، جيڪو ٻين لکتن جي نمونن (Script Styles) کي منسوخ ڪري ڇڏي. هن عربي ٻوليءَ جي آئيوٽا (Alphabet) کي نئين سر تشڪيل ۽ ترتيب ڏني ۽ قرآن کي اعرابن ڏيڻ واري ابوالاسور ۽ نصر بن عاصم واري ڪم کي مڪمل ڪيو. هن کان پھرين اسلامي دنيا ۾ خطاطيءَ جا چار قسم مدني، مڪي، بصري ۽ ڪوفي رسم الخط مروج هئا، انهن مان مدني مڪي ۽ بصري هڪٻئي جي ويجهو هئا، جڏهن تہ ڪوفي خط گهڻو مختلف هو. ابن مقلہ خطاطيءَ جا ڇهہ اسلوب ثلث (Thulth)، نسخ (Naskh)، ريحان (Raihan)، محقق (Mohaqqaq)، توقيع (Touqi) ۽ رقاع (Riqa) جوڙي راس ڪيا. خطاطيءَ جا اهي ڇهہ نمونا مڪي/ مدني/ بصري (Arabic) ۽ ڪوفي (Kufiic) تان اسريا آهن. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ هن هر هڪ لکت جي پراڻي نموني مان ئي 3 نوان اسلوب تيار ڪيا. هن خطاطيءَ جي فن جا اصول قائم ڪيا ۽ اکرن جي صورتن جو بنياد ماپن ۽ نقطن تي رکيو. هن جي جوڙيل ’خط نسخ‘ ٻين قديم لکت جي اسلوبن کي رد ڪري ڇڏيو. اڄ ڏينھن تائين قرآن مجيد توڙي عربي ۽ سنڌي لکت جو نمونو ”نسخ“ ئي آهي. سندس توقيع خط، خاص لفظن لکڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. جيڪڏهن ان خط لکڻ واري قلم جي نوڪ/ نب جيڪڏهن سنهي هوندي تہ خط جي طرز کي ”غبار“ (ڌنڌ) سڏبو آهي. ٽن جو انگ هن جي سڄي زندگيءَ تي حاوي رهيو، هو اسلامي دنيا جي ٽن خليفن مقتدر بالله، القاهر باالله ۽ الراضي باالله جي حڪومتي دور ۾ ٽي ڀيرا وزير اعظم مقرر ٿيو ۽ ٽي ڀيرا اقتدار تان لاٿو ويو. هو ٽي ڀيرا پنھنجي اباڻي وطن ”شيراز“ ويو، هن جا ٽي وڏا دشمن هئا: هڪ ابوالحسن، ٻيو ترڪ سردار امير مظفر بن ياقوت ۽ بغداد شھر جو ناظم ابن رائق هو. هي خليفي الراضي باالله جي ظلم ۽ زيادتين جو ٽي ڀيرا شڪار ٿيو، پھريون ڀيرو کيس اقتدار تان لاٿو ويو، ٻيو ڀيرو هن جو هڪ هٿ ڪپيو ويو، ٽيون ڀيرو کيس قتل ڪيو ويو. هن کي ٽي ڀيرا دفن ڪيو ويو، پھريون ڀيرو قتل کان پوءِ قيد خاني ۾، ٻيو ڀيرو الراضي باالله جي حڪم تي قبرستان ۾ ۽ ٽيون ڀيرو سندس زال جي درخواست تي سندس مڙھ قبرستان مان ڪڍي هڪ عمارت ۾ دفن ڪيو ويو. هو زندگيءَ ۾ هڪ هٿ کان محروم ٿيڻ کانپوءِ خطاطي واري وڍيل هٿ واري ڪرائيءَ تي قلم ٻڌي ساڄي ۽ کاٻي هٿ سان ساڳئي ريت ۽ ساڳئي رفتار سان خطاطي جا شھپارا تخليق ڪندو رهيو. هن جي نياڻيءَ سندس فن کي زنده رکيو ۽ ڪيترا ناميارا شاگرد پيدا ڪيا، جن مان علي بن هلال عرف ابن البوابہ، ابن مقلہ جي خطاطيءَ واري اسلوبن کي استقلال ۽ استحڪام بخشيو، هن ”ابن مقلہ“ جي خطاطيءَ وارن طرزن موجب قرآن جا 54 اتارا تيار ڪيا. ابن مقلہ جي موت تي بغداد جا اهل علم ۽ اهل خرد سڀئي رنا. هڪ شاعر چيو تہ ”اڄ ابن مقلہ نہ پر ڏاهپ ۽ علم جو قتل ٿيو، هو هڪ شاعر، نثر نگار ۽ عظيم خوشنويس هو“. هن کي 64 ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 10 شوال 328ھ بمطابق 20 جولاءِ 940ع تي شھيد ڪيو ويو.[1]

حوالا[سنواريو]