مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ابل ويسر وارو دڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابل ويسر وارو دڙو اسلامي دور سان تعلق رکندڙ هي ماڳ ٺريءَ جي ڳوٺ کان ٽن ميلن تي ديھ سانيو، تعلقو ميرواھ ضلعي خيرپورميرس ۾ آهي. ھي ھڪ وڏو دڙو آھي، جيڪو اوچائيءَ ۾ 15 کان ويھ فٽ ٿيندو. ٽن چئن ايڪڙن تي ڦھليل آھي. گھڻو حصو زرعي آباديءَ ھيٺ اچي چڪو آھي. مٿاڇري تي پيل ٺڪراٺو اسلامي دور کان ٿورو اڳ ۽ ان جي شروع واري زماني سان ڀيٽي سگهجي ٿو. ھن جي کوٽائي ٿيل ڪانہ آھي.[1]

حوالا[سنواريو]