ابراھيم کرل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ليکڪ ابراهيم کرل ولد مولا بخش 11 اپريل 1967ع تي خيرپور ۾ جنم ورتو. ناز هاءِ اسڪول خيرپور مان 1983ع ڌاري مئٽرڪ ڪيائين. 1992ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ڪري ڊاڪٽر ادل سومري جي رهنمائيءَ هيٺ ايل. فل ڪيائين، سندس مقالي جو موضوع ”نسيم کرل جون ڪھاڻيون“ هو. سن 2000ع کان گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پير جي ڳوٺ ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر آهي. هو نسيم کرل يادگار ڪاميٽيءَ جو آرگنائيزر ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور جو 3 ڀيرا سيڪريٽري بہ چونڊيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) تنھنجي وئي کان پوءِ (1992ع) (2) روپ ٻھروپ (1991ع) (3) درياھ جي هن پار (2003ع) (4) سپني کان سھڻي ساڀيان (ڊاڪٽر تنوير عباسي جون تقريرون: ترتيب: 2004ع). ابراهيم کرل هن وقت خيرپور ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا[سنواريو]