مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ابراھيم منشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
محمد ابراھیم منشی
تاريخ پيدائش: 15 جنوري 1934
جاءِ پيدائش: ٽنڊو محمد خان
تاريخ وفات: 01 آگسٽ 2003
جا‎ءِ وفات:
مدفن:

منشي محمد ابراهيم سومرو سنڌ جو عوامي شاعر، 15 جنوري 1934ع تي ڳوٺ جنھاڻ سومري، تعلقي ۽ ضلعي ٽنڊي محمد خان (اڳوڻي ضلعي حيدرآباد) ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد اسحاق هو، جيڪو ڪڙمت ڪندو هو. غربت جي حالت ۾ بہ هن پھنجي پٽ (ابراهيم منشيءَ) کي ملان مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيو. اڃا چوٿون درجو سنڌي مس پڙهيو تہ مارچ 1945ع ۾ سندس پيءُ وفات ڪري ويو. گهر جي اٺن نون ڀاتين جو گذر سفر ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو، ان ڪري ابراهيم منشيءَ پنج درجا سنڌي پاس ڪري محنت مزدوري ڪرڻ شروع ڪئي. هنن ڏکين حالتن کان متاثر ٿي، هن 1949ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي. ابراهيم منشيءَ جو پيءُ پڻ شاعر هو ۽ مولود به چوندو هو، مٿس ان جو بہ ڪافي اثر هو. ابراهيم منشيءَ شروع ۾ رومانوي شاعري ڪئي ۽ ڪافيون چيون.
شاعريءَ وسيلي هيٺئين طبقي جي نمائندگي ڪرڻ لڳو. هو پنھنجي شاعري ترنم سان پڙهندو هو. 1960ع ڌاري شيخ اياز جي انقلابي شاعريءَ کان متاثر ٿيو. 66- 1965ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ ۾ سندس شاعري ڇپي. سندس شاعريءَ جو پھريون مجموعو ”پيغام مظلوم“ (1970ع) ۾ ڇپيو، ٻيو مجموعو ’وڳھ جا وريام‘ (1971ع) ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ پريم نگر پبليڪيشن پاران سندس شاعريءَ جو ٽيون مجموعو ’گوندر ويندا گذري‘ ڇپيو، جنھن جو پيش لفظ محمد ابراهيم جويي لکيو. 1991ع ۾ سندس چوٿون مجموعو ’ڌرتي، دين، ڌرم‘ شايع ٿيو. سندس شاعريءَ جو پنجون مجموعو ’ڌؤنري ڏينھن ڌاڙا‘ (1995ع) ڇپيو ۽ ڇھون مجموعو ”اکر اکر اک“ روشني پبلڪيشن پاران 2006ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هي عوامي ۽ انقلابي شاعر 31 جولاءِ 2003ع تي هي جھان ڇڏي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]