مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ابراهيم آڌيلو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ميون ابراهيم آڌيلو شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي ويجهن خليفن مان ٿي گذريو آهي هي ذات جو سومرو ۽ کاري شھر جو رهاڪو هو. روايت آهي تہ کيس ڀٽائي رح کان حڪم مليو تہ کاري شھر ۾ وڃي رھ، هيءُ اوڏانهن وڃڻ لاءِ تيار نہ هو پر ڀٽائي جي حڪم تي کاري شھر ۾ رهيو. روايت آهي تہ هڪ ڀيري شاھ ڀٽائي وٽس ڀيرو ڪرڻ ويو. ابراهيم آڌيلي، شاھ سائينءَ کي عرض ڪيو تہ ”مون اوهان جي چوڻ تي اچي کارو وسايو ۽ هتي گهاريو. هاڻ مون وٽ اوهان رهو يا پاڻ سان گڏ وٺي هلو.“ جنھن تي کيس شاھ سائين چيو تہ: ”تون اتي ئي رھ، البتہ اسان توکي پنھنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان ابراهيم آڌيلو آهين.“ هن درگاھ تي پھچڻ لاءِ گهوڙا ٻاريءَ کان خانپور جي ڳوٺ پھچبو تہ سامهون ابراهيم آڌيلي جا قبا نظر ايندا.[1]

حوالا[سنواريو]