آبدوز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(سب مئرين کان چوريل)
آبدوز
آبدوز

آبدوز (submarine) سمنڊ جي اونھي پاڻيءَ اندر ھلندڙ ھڪ قسم جو ٻيڙو، جيڪو دشمن جي بحري جھازن کي اندر ئي اندر بارود (Torpedoes) ذريعي تباهه ڪري ٿو. دنيا جي پهرين آبدوز ٻيڙي هڪ ولنديزي انجنيئر جي. ڊريبل (J.Drebble) سال 1620ع ۾ تيار ڪئي، جيڪا عام ٻيڙين وانگر ڪاٺ جي ٺهيل هئي، پر ان تي چمڙو چاڙهيو ويو هو ۽ چپُن سان هلائي ويندي هئي. سال 1776ع ۾ آمريڪي انقلاب دوران ڊيوڊ بشنيل (David Bushnell) نالي هڪ آمريڪي انجنيئر آبدوز جي ترقي يافته شڪل تيار ڪئي، جنهن وسيلي هن هڪ بحري جهاز کي ٻوڙڻ جي به ڪوشش ڪئي. اهڙيءَ ريت آمريڪا ۾ آبدوز ٻيڙين جي تياريءَ جو سلسلو شروع ٿيو. سال 1800ع بشنيل جي اصول تي رابرٽ فلٽن ناٽيلس (Nautilus) نالي هڪ آبدوز تيار ڪيو، جنهن کي جديد آبدوز جو سادو نمونو سڏي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ آمريڪا جي ٻن انجنيئرن، جي.پي. هالينڊ (J.P. Holland) ۽ سائمن لئڪ (Simon Lak) جي ڪوششن ۽ سخت محنت سان جديد آبدوز تيار ڪيو ويو، جيڪو پاڻيءَ جي مٿاڇري تي تيل سان ۽ سمنڊ اندر بجليءَ جي سگهه سان سٺي رفتار سان هلي سگهندو هیون. هن سان بحري جهازن تي ڪامياب حملا به ڪيا ويا. سال 1900ع ۾ اهڙي قسم جو آبدوز آمريڪي سامونڊي فوج جي حوالي ڪيو ويو، پر وڏي پيماني تي آبدوز ٻيڙا جرمنيءَ تيار ڪيا ۽ پهرين عالمي جنگ ۾ انهن کي فوجي مقصدن لاءِ ڪم آندو. ان کان پوءِ جاپان به آبدوز جا ڪامياب نمونا ٺاهيا ۽ پهرين عالمي جنگ دوران وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون. ائٽمي سگهه تي هلندڙ پهريون ائٽمي آبدوز، ناٽيلس (Nautilus) سال 1954ع ۾ آمريڪا ۾ تيار ٿيو، جيڪو ائٽمي قوت سان سڄي دنيا جو چڪر هڻي آيو.

سال 1960ع ۾ آمريڪا 447 فوٽ ڊگهو ٽرائٽن (Triton) آبدوز تيار ڪيو، جيڪو پاڻيءَ جي سطح تي اچڻ سواءِ سڄي دنيا جو چڪر هڻي آيو. ان بعد آمريڪا جي تيار ڪيل ”جارج واشنگٽن آبدوز“ ڪيترن مهينن تائين سمنڊ ۾ رهي، رڪارڊ قائم ڪيو. ان ۾ ميزائل به نصب ڪيا ويا هئا. هن وقت آمريڪا کان سواءِ روس، برطانيا، فرانس، چين ۽ ٻين ڪيترن ملڪن وٽ ائٽمي آبدوز توڙي عام رواجي آبدوز موجود آهن.

ھن ٻيڙي کي ”ٽوٻو جھاز“ به چيو ويندو آھي. سال 1940ع ۾ آمريڪا جي سائنسدانن ائٽمي قوت سان ھلندڙ آبدوز ٺاھيو، جنھن ڪيترن ئي ڏينھن تائين سمنڊ ۾ اندر ئي اندر رھي، مختلف سائنسي تجربا ڪيا.

پاڪستان جو ”سب ميرين فورس“ اپريل 1964ع ۾ بنايو ويو. سال 1965ع واري پاڪ۔ڀارت جنگ دوران پاڪستان جي پهرين آبدوز "غازي" ڪيترين راتين تائين پاڻي اندر رهي ڀارت جي هڪ وڏي بحري اڏي دوارڪا کي تباهه ڪيو هو. ان جو ڪمانڊر ڪرامت رحمان نيازي هو. پاڪستان جي آبدوز کي ڳولي نه سگهڻ ۽ تباهه نه ڪرڻ جي الزام ۾ ڀارتي بحريه جي ڪمانڊر ان چيف کي نوڪريءَ تان برطرف ٿيڻو پيو هو. هيءَ آبدوز 1971ع واري جنگ ۾ ڪراچيءَ کان چٽگانگ ويندي حملي ۾ تباهه ٿي وئي هئي. هن وقت پاڪستاني بحري فوج وٽ پنج عام آبدوز، ھڪ اليڪٽرانڪ آبدوز ۽ انهن جي تياريءَ لاءِ سکيا ورتل نيول انجنيئر به موجود آهن.[1]

حوالا[سنواريو]